پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان انڊيا ۾ هوم سيريز کيڏڻ جي خواهش بابت هڪ خبر کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شهريار خان طرفان انڊيا ۾ هوم سيريز کيڏڻ جي خواهش بابت هڪ خبر کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آهي. هندستان ٽائمز پي سي بي چيئرمين شهريار خان سان ڳالهائيندي ان بابت چيو ته پاڪستان انڊيا ۾ پنهنجي هوم سيريز جي لاءِ تيار آهي. هندستان ٽائمز شهريار خان جو حوالو ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا هوم سيريز جي ميزبانيءَ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، پر مالي اعتبار سان انڊيا سڀ کان بهترين آپشن هوندو. شهريار خان هلندڙ مهيني انڊيا جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو هو ته ٻنهي پاڙيسري ٽيمن وچ ۾ ڊسمبر ۾ يو اي اِي ۾ مڪمل سيريز جو امڪان آهي. پي سي بيءَ ميڊيا تي هلندڙ ان خبر کي تڪڙو ئي رد ڪندي چيو ته هندستان ٽائمز شهريار خان جي بيان کي صحيح طريقي سان رپورٽ ناهي ڪيو، هندستان ٽائمز جي ان خبر ۾ ڪا صداقت ناهي، اسان جون آخري ڪوششون اهي هونديون ته سيريز پاڪستان يا نيوٽرل گرائونڊ (يو اي اِي) ۾ ڪرائي وڃي. جڏهن ته پي سي بي اختياين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ڪالهه آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کان اڳ اسٽيڊيم جي سمورن انتظامن جو مڪمل طور جائزو رتو. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران تماشائين طرفان کائڻ پيئڻ جون شيون انڪلوزرز ۾ اڇلائڻ سبب انڪلوزرز جي مڪمل صفائي ڪرائي وئي ۽ عملي کي هدايت ڪئي وئي ته ميچ ختم ٿيندي ئي انڪلوزرز جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. اختيارين مختلف انڪلوزرز ۾ تماشائين لاءِ پاڻي پيئڻ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد جو چوڻ آهي ته 6 سالن کان پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ٿي. پهرين ميچ ۾ ڪجهه خاميون سامهون آيون آهن جنهن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *