لاهور ۾ پوليس شڪي حرڪتن تي اسٽيڊيم ٻاهران ٻِن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور ۾ پوليس شڪي حرڪتن تي اسٽيڊيم ٻاهران ٻِن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو هو، پوليس موجب ٻنهي ماڻهن کي اسٽيڊيم ٻاهران شڪي حرڪتن جي ڪري گرفتار ڪيو ويو، گرفتار شڪين ۾ هڪ جو نالو تنوير ۽ ٻئي جو نالو شاهد ٻڌايو ويو، ٻنهي ماڻهن کان جاچ جي لاءِ کين گلبرگ پوليس اسٽيشن تي منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ جي لاءِ رانديگرن توڙي چاهيندڙن جي حفاظت جي لاءِ حفاظت جا سخت انتظاميا ڪيا ويا هئا.ٻئي طرف پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻي ٽوئنٽي ميچ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريديءَ فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿي پيو. پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران شاهد آفريدي زخمي ٿي گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو. زخمي ٿي پويلين موٽڻ کان پوءِ آفريديءَ جي جاءِ تي فوري طور محمد حفيظ کي سڏايو ويو. پر ڪجھه ئي دير کان پوءِ شاهد آفريدي گرائونڊ ۾ٻيهر اچي پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *