پاڪستان سان تعلق رکندڙ عاطف انور آرنلڊ ڪلاسڪ 2015ع جو ٽائيٽل کٽي ورتو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سان تعلق رکندڙ عاطف انور آرنلڊ ڪلاسڪ 2015 جو ٽائيٽل کٽي ورتوآهي، عاطف انور جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هو 2005ع ۾ مسٽر پاڪستان جو ٽائيٽل کٽي چڪو آهي عاطف ان کان اڳ مسٽر ڪراچي ۽ مسٽر سنڌ به رهي چڪو آهي، عاطف 2009ع ۾ ميامي ۽ آمريڪا ۾ مسٽر يونيورس جي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي، مسٽر يونيورس جي ان مقابلي ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪن جي رانديگرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ عاطف چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي هالي وُڊ اداڪاره ۽ اڳوڻي مسٽر يونيورس آرنلڊ جڏهن عاطف جو هٿ پڪڙي ان جي ڪاميابي جو اعلان  ڪيو ته هو پنهنجي جذبات تي قابو نه ڪري سگهيو ۽ ان جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون عاطف آرنلڊ ڪلاسڪ 2015ع جو ٽائيٽل کٽي قوم جو سر فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *