جيڪب آباد ۾ شهيد ارشادي مستوئي جي نالي سان انڊر فورٽين فوٽبال ٽورنامينٽ نوراني ڪلب کٽي ورتي

جيڪب آباد: جيڪب آباد جي شاهه عبداللطيف فوٽبال گرائونڊ ۾ جيڪب آباد فوٽبال اڪيڊمي جي ڪوچ سهراب خان کوسو پاران هڪ سال اڳ ڪوئٽا ۾ شهيد ٿي ويل صحافي ارشاد مستوئي جي نالي سان پهرين شهيد ارشاد مستوئي انڊر فورٽين(14) فوٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ٿي گذري جنهن ۾ نوراني فوٽبال ڪلب 15 منٽن ۾ هڪ خوبصورت گول ٺاهي پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا آخر تائين ڪامياب رهي ۽ نوراني فوٽبال ڪلب شاهين بلوچ فوٽبال ڪلب کان ٻڙي_هڪ تي ميچ کٽي جيت جو سهرو پنهنجي نالي ڪري انڊر فورٽين جو فائينل کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ٽورنامينٽ ۾ سنڌ بلوچستان جي 21 ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ جيڪب آباد اڪيڊمي، شهيد عبدالرحٰمن فوٽبال اڪيڊمي، علي وارث، چاند، شهيد عادل، غازي عباس، ڪنگ اسٽار، ايگل، شاهين بلوچ، شهيد در محمد، نوراني ۽ خاراني اسپورٽس شامل آهن. ٽورنامينٽ جي فائيل ۾ مهمان خاص مير خالد خان جکراڻي ۽ اعزازي مهمان خاص 31 ونگ چارلي ڪمپني جو راجه محمد عرفان هئا جن  رنر ۽ ونر ٽيم ۾ انعام ورهايا. ان موقعي تي پهرين شهيد ارشاد مستوئي انڊر 14 فوٽبال ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر ۽ جيڪب آباد فوٽبال اڪيڊمي جي ڪوچ سهراب خان کوسو روزاني “جيجل” سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي ارشاد مستوئي جي نالي سان جڙيل جيڪب آباد ۾ پهرين انڊر فورٽين فوٽبال ٽورنامينٽ پنهنجي مددپاڻ تحت ڪرائي وئي هن چيو ته ڊي سي جيڪب آباد ۽ ٻين وس وارن وٽ ٽورنامينٽ ۾ مالي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي سين پر ڪنهن به ڪا مدد ڪو نه ڪئي تنهن باوجود به اسين پنهنجي مدد پاڻ تحت فوٽبال ٽورنامينٽ ڪرائي جيڪب آباد ۾ گم ٿيل فوٽبال راند کي هڪ ڀيرو ظاهر ڪري هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته سرڪاري سطح تي جيڪب آباد ۾ 145 هون سالانه سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو لڳايو پيو وڃي جنهن ۾ ڊي سي فوٽبال راند جا ايوينٽ پنهنجي مند پسند هڪ ڪرڪيٽر اياز منجهو کي ڏئي رهيو آهي جنهن کي فوٽبال جي الف ب جي به خبر نه آهي اهو فوٽبال ٽورنامينٽ ڪئين ڪرائيندو جنهن سبب اسين جيڪب آباد فوٽبال اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو ۾ حصو وٺڻ کان بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڊي سي خلاف سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن چيو ته آئون راندين جي وفاقي وزير ۽ وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه کي اپيل ڪريان ٿو ته جيڪب آباد ۾ هڪ ڪروڙو رپين جي وڏي رقم خرچ ڪري لڳايو ويندو سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو ۾ فوٽبال ٽورنامينٽ جو ايونٽ فوٽبال جي اصل حقدارن ۽ ڪوچن حوالي ڪيو وڃي جيڪي فوٽبال ٽورنامينٽ کي سٺي نموني سان ڪرائي سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *