آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جو ناڪ آئوٽ مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 11 هين آءِ سي سي ورلڊڪپ جي ڪوارٽر فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي جڏهن ته ناڪ آئوٽ مرحلو سڀاڻي اربع 18 مارچ کان شروع ٿيندو. پهرئين ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون سڊني گرائونڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون.تفصيل مطابق گروپ ميچن جي پڄاڻي بعد دفاعي چيمپئن ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. پول اَي مان نيوزيلينڊ ۽ پول بي مان ڀارت ناقابل شڪست رهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ناڪ آئوٽ مرحلو 18 مارچ کان شروع ٿيندو. 19 مارچ تي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ زور آزمائي ٿيندي. ٽئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 20 مارچ تي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ اوول ۾ دنگل ٿيندو، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون 21 مارچ تي ويلنگٽن ۾ مقابلو ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 24 مارچ، ٻيو 26 مارچ، جڏهن ته عالمي ميلي جو فائنل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *