پاڪستاني اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد ٺوٺ تي بال لڳڻ سبب زخمي

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد ٺوٺ تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڊاڪٽرن انهن جي ڌڪ کي معمولي نوعيت جو قرار ڏنو آهي، ايڊليڊ ۾ پريڪٽس سيشن دوران احسان عادل جو تيز رفتار بال ٺوٺ تي لڳڻ سبب احمد شهزاد زخمي ٿي پيو جنهن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو شروعاتي طبي امداد کانپوءِ ان جي ٺوٺ جو ايڪسري ڪيو ويو جنهن کي ڊاڪٽرن تسلي بخش قرار ڏنو آهي ڊاڪٽرن مطابق احمد شهزاد جي ٺوٺ تي معمولي ڌڪ آهي جيڪو جلد صحيح ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *