آسٽريليا کي رڪارڊ چار ڀيرا عالمي چيمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي 40 سالن جي تاريخ ۾ آسٽريلوي ٽيم کي رڪارڊ چار ڀيرا عالمي چيمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پاڪستاني ٽيم هڪ ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون ٽائيٽل کٽڻ کان محروم آهن، ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هن وقت تائين 10 ورلڊ ڪپ کيڏيا ويا آهن، جن ۾ وڌيڪ آسٽريلوي ٽيم کٽيا آهن، پهريون ورلڊ ڪپ 1975ع ۾ انگلينڊ ۾ منعقد ٿيو هو، جيڪو آسٽريليا کٽيو، 4 سالن کان پوءِ ٻيو ورلڊ ڪپ منعقد ٿيو، جيڪو به آسٽريليا کٽيو، ٽيون ورلڊ ڪپ 1983ع ۾ انگلينڊ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم عالمي چيمپين ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي، جنهن کان پوءِ چوٿون ورلڊ ڪپ آسٽريلوي ٽيم کٽيو، 1992ع ۾ منقعد ٿيل پنجون عالمي ڪپ پاڪستان کٽيو، 1996ع ۾ ورلڊ ڪپ سريلنڪا جي نالي رهيو، جنهن کان پوءِ لڳاتار ٽي ورلڊ ڪپ 1999ع، 2003ع ۽ 2007ع آسٽريليا کٽيا، 2011ع ۾ منعقد ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي ٽيم ڪامياب ٿي ۽ هن کي 28 سالن کان پوءِ چيمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، واضح رهي ته 11هون ورلڊ ڪپ ڇنڇر کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *