سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ شروع

 

پي پي پي جي سياسي حڪمت عملي ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اتفاق نه هجڻ سبب  فنڪشنل ليگ۽ ن ليگ کي  سينيٽ جي هڪ به سيٽ هٿ نه ايندي، فنڪشنل ليگ  پنهنجو اميدوار امام الدين شوقين کي ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي نامزد ڪيو آهي . جڏهن ته ن ليگ سيد ظفر علي شاھ کي نامزد ڪيو آهي  جنهن کانپوءِ سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر مڪمل طور تي ورهائجي وئي آهي . سنڌ اسيمبلي ۾ فنڪشنل ليگ جون 11 ۽ مسلم ليگ ن جون 7 سيٽون آهن جڏهن ته جتوئي ڀائرن وٽ ٻه سيٽون آهن انهن پنهنجي پارٽي ته مسلم ليگ ن ۾ ضم ڪئي هئي پر اليڪشن ڪميشن ۾ اڄ به سندن پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي  جي نالي سان رجسٽرڊ آهي، اهڙي طرح ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم به مسلم ليگ ن ۾ شامل ضرور ٿيو هو پر ان وقت ٿيو جڏهن  اليڪشن ڪميشن طرفان آزاد اميدوارن کي ڪنهن به پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏنل ووٽ ختم ٿي چڪو هيو، ان کانپوءِ هو  شامل ٿيو تنهن ڪري  هو اڄ به آزاد اميدوار آهي، اهڙي طرح مسلم ليگ ن  وٽ ڪراچي مان  حاجي شفيع ڄاموٽ، همايون اختر  ۽ عرفان الله مروت ڪامياب ٿيا هئا  جڏهن ته ٺٽي ضلعي مان ٽي شيرازي  ڀائر ڪامياب ٿيا . هن وقت عرفان الله مروت جي سيٽ خالي آهي. مسلم ليگ ن وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 10 سيٽون آهن . پي پي پي جي تازي سياسي حڪمت عملي کان پوءِ هاڻ  جتوئي ڀائرن کي هڪ وزارت ڏيڻ جو پي پي پي واعدو ڪيو آهي ، حاجي شفيع ڄاموٽ کي  فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمن شپ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي ان مٿان اها ذميواري آهي ته هو مسلم ليگ ن جي عورت ميمبر سورٺ ٿيٻو  کي پاڻ سان ملائي. پي پي پي کي ووٽ ڏياريندو. جڏهن ته  همايون خان کي  اويس مظفر طرفان پي پي پي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي  .ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم دبئي ويل آهي اهو واپس نه ايندو ، اهڙي طرح  هن وقت سنڌ اسيمبلي ۾  ٽي شيرازي ڀائر ۽ هڪ لياقت جتوئي جي سيٽ وڃي بچي آهي، ٽو ٽل چار سيٽون وڃي بچيون آهن . انهن انگن  اکرن موجب سنڌ اسيمبلي ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ ساڍا ايڪيھه ووٽ گھربل آهن  جيڪي  هن حڪمت عملي سبب فنڪشنل ليگ ۽ ن ليگ  وٽ  موجود ناهن ،  جڏهن ته سنڌ حڪومت اها به ڪوشش ڪري رهي آهي ته  فنڪشنل ليگ امام الدين شوقين کي  سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻائين ته کين هڪ صلاحڪاري ڏني ويندي ، اهڙي طرح شيرازي ڀائرن  جو به چوڻ آهي ته   جيڪڏهن پي پي پي جي اعلي قيادت سڌو رابطو ڪري ته هو  پي پي پي کي سينيٽ چونڊ  ۾ ووٽ ڏئي سگھن ٿا ، مسلم ليگ ن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  شيرازي ڀائرن  سينيٽ ۾ پنهنجو اميدوار بيهارڻ لاءِ پارٽي جي اعلي قيادت کي نالو ڏنو هو جيڪو  قبول نه ٿيو ، ن ليگ جي قيادت ظفر علي شاھ کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن تي به هو ناراضِ آهن .سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  انهي ڪري ئي سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته  سنڌ مان 7 پي پي پي ۽ 4 ايم ڪيو ايم کي سينيٽ جون سيٽون ملنديون. هن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم وٽ 51،پي پي پي وٽ 91 ،ف ليگ وٽ 11 ، تحريڪ انصاف وٽ 4 ، مسلم ليگ نه وٽ 8 ۽ نيشنل پيپلز پارٽي وٽ 2 سيٽون آهن . ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ ساڍا ايڪويھه  ووٽ گھربل آهن . جيڪي ف ليگ ۽ ن ليگ  ووٽ  موجود ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *