ٽينس اسٽار اعصام الحق فٽنيس مسئلن سبب ڊيوس ڪپ ٽائي ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽينس اسٽار اعصام الحق فٽنيس مسئلن سبب ڊيوس ڪپ ٽائي ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. هاڻي پاڪستان جي ٽي رڪني ٽينس انڊونيشيا جو مقابلو ڪندي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ڊيوس ڪپ ايشيا ۽ شيانا گروپ ٽو سيمي فائنل 14 کان 16 جولاءِ تائين جڪارته ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽينس ٽيم کي ان وقت لوڏو آيو جڏهن سينيئر ٽينس اسٽار اعصام الحق گوڏي جي انجري سبب ايونٽ ۾ شرڪت کان معزرت ڪئي. فيڊريشن اعصام الحق جو ڪوبه متبادل رانديگر نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي طرح هاڻي صرف ٽي رڪني ٽينس ٽيم عقيل خان، سامر افتخار ۽ عابد علي انڊونيشيا جو اهم ٽائي ۾ مقابلو ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *