ثانيا مرزا ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

(اسپورٽس نيوز) ڀارتي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مڪسڊ ڊبلز جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ثانيا مرزا ۽ برونوسوريز ٽئين رائونڊ ۾ ڪروشيا جي جوڙي کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي. سال جي ٽئين گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مڪسڊ ڊبلز جي ايونٽ جي سلسلي ۾ کيڏيل پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ثانيا مرزا ۽ سندس برازيلين ساٿي دار برونوسوريز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي رانديگرياڻين مرين ڊريگنجا ۽ ايناڪونجو تي ٻڌل ڪروشين جوڙي کي 6_7 ۽  6_3 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *