ورلڊ هاڪي ليگ ۾ شرم جوڳي شڪست کانپوءِ پي ايڇ ايف ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) ورلڊ هاڪي ليگ ۾ شرم جوڳي شڪست کانپوءِ پي ايڇ ايف ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اڳوڻو اولپئن اخلاق، شاهد علي خان ۽ منصور احمد ڪميٽي جا ميمبر آهن. ڪميٽي پنهنجي جاچ رپورٽ هڪ هفتي اندر هاڪي فيڊريشن جي صدر اختر رسول کي پيش ڪندي.  هوڏانهن پي ايڇ ايف جي صدر اختر رسول جو چوڻ آهي ته منهنجو گھراڻو هاڪي رانديگرن تي ٻڌل آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اولمپڪس مان ٻاهر ٿيڻ جو درد مون جيترو ٻيو ڪير به محسوس نٿو ڪري سگھي.  هن چيو ته استعيفا وٺڻ يا ڪنهن کي ٻاهر ڪڍڻ سان معاملا بهتر نه ٿيندا، مسئلن کي حل ڪرڻو آهي ته مالي معاملا بهتر ڪرڻا پوندا. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي استعيفا سان معاملا بهتر ٿي سگھن ٿا ته آئون اڄ ئي ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته رڳو ڳالهين سان صورتحال ۾ ڪا به بهتري نه ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *