ويسٽ انڊيز جي تيز مزاج بيٽسمين ڪرس گيل چيلهه جي سور سبب 2 کان 3 مهينا ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويو

جميڪا (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي تيز مزاج بيٽسمين ڪرس گيل چيلهه جي سور جي ڪري 2 کان 3 مهينا ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ڪرس گيل اڄ ڪلهه ڪيريبيئن پريميئر ليگ کيڏڻ ۾ مصروف آهي، هن جو چوڻ هو ته جلد چيلهه جي سرجري ڪرائيندو، جنهن کان پوءِ 2 يا ٽِن مهينن تائين ڪرڪيٽ کان پري رهندو، جڏهن ته هلندڙ سال ڊسمبر ۾ هو ٻيون ڀيرو ڪرڪيٽ کيڏندو. ڊسمبر تائين ڪرڪيٽ کان پري رهڻ جي صورت ۾ ڪرس گيل ايندڙ مهيني زمبابوي سان رٿيل سيريز پڻ نه کيڏي سگھندو، جڏهن ته هن آسٽريلين بگ بيش ليگ جي لاءِ ميلبرن رينيگيڊ ٽيم سان به معاهدو ڪيو آهي جنهن جي شروعات 18 ڊسمبر کان ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *