بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون 2015ع جي بهترين پرفارمر اداڪارا جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون 2015ع جي بهترين پرفارمر اداڪارا جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا دپيڪا پڊڪون هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 8 هِٽ فلمون ڏنيون، جنهن کان پوءِ ميگزين طرفان ڪيل سروي ۾ 53 سيڪڙو ماڻهن کيس هلندڙ سال جي بهترين پرفارمر اداڪارا چونڊيو. دپيڪا جي تازو رليز ٿيل فلم ”پيڪو” آهي جنهن ۾ سندس ڪردار هن جي مشهوريءَ ۾ واڌ ڪئي. ان فهرست ۾ ٻئين نمبر تي پريانڪا چوپڙا جڏهن ته ڪنگنا رناوت ٽئين نمبر تي رهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *