پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر فيصل صالح حيات کي عهدي تان هٽايو ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ، پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي باڊي کي ٽوڙي صدر فيصل صالح حيات کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته سندن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ، پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي چونڊن بابت تفصيلي فيصلو ٻــُڌائي ڇڏيو. فيصلي موجب عدالت فٽبال فيڊريشن جي باڊي کي ٽوڙي فيصل صالح حيات کي فيڊريشن جي صدارت تان هٽائي سندن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي به شروع ڪري ڇڏي آهي. عدالت، لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج اسد منير کي فيڊريشن جو وقتي سربراهه مقرر ڪندي هڪ مهيني اندر ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي مخدوم فيصل صالح حيات ۽ ارشد لوڌي گروپ وچ ۾ اقتدار جي تڪرار کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين کي چونڊون ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو هو، پر ان باوجود فيصل صالح حيات جي سربراهي ۾ قائم پي ايف ايف اليڪشن منعقد ڪرائي جنهن ۾ هــُو لاڳيتو چوٿون ڀيرو ايندڙ چئن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *