سنڌ ۾ بدعنوان ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

 

سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف ڪارروايون تيز ٿي ويون، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين ۾ 4 ڪي ڊي اي عملدار، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي مٽياري ۾ ٿيندڙ غير قانوني ڀرتين ۽ فنڊن ۾ گهوٻين جي جاچ شروع ، نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پنهنجي ٽيم گڏجي مٽياري جي تعليم آفيس تي ڇاپو هڻي آفيس جا دروازا بند ڪري آفيس اندر پيل رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي سمورو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. مٽياري جي تعليم کاتي ٿيندڙ بيقاعدگين جي اڳ ۾ ئي اينٽي ڪرپشن وٽ تعليم کاتي جي عملدار عطاءُالله ڀٽو ، گلزار ميمڻ سميت ٻين تي ٻـ ڪيس داخل ڪري جاچ هلندڙ هئي اڃان اها جاچ مڪمل ئي نـ ٿي تـ گذريل ڏينهن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب اوصاف ٽالپر پنهنجن ٻين عملدارن سان گڏجي تعليم کاتي مٽياري جي آفيس تي ڇاپو هڻي اتي موجود ملازمن کانسواءِ ٻين غير واسطيدار ماڻهن کي آفيس مان ٻاهر ڪڍي آفيس جو مين توڙي اندريان سمورا گيٽ بند ڪري آفيس اندر الماڙين ۾ رکيل سموري رڪارڊ کي چيڪ ڪرڻ بعد 2007ع کان 2015ع جون تائين جو سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي آفيس ۾ ويٺل ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪري سمورو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ ڪنهن بـ عملدار کي هن وقت تائين پنهنجي حراست ۾ نـ ورتو ويو باقي تعليم کاتي جي عملدارن کي پابند بڻائي ويا تـ جنهن بـ عملدار جي نيب کي ضرورت پئي تـ ان کي اتي حاضر ٿيڻو پوندو ، جڏهن تـ نيب جي ٽيم تعليم کاتي جي آفيس تي ڇاپو هنيو تـه صحافين سميت ڪنهن کي بـ اندر نـ ڇڏيو ويو ۽ نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اوصاف ٽالپر صحافين کي تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ پنهنجي گاڏي ۾ سوار ٿي هليو ويو ، جڏهن تـ خبر پئي تـ نيب جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اوصاف علي کي مٽياري ضلعي اندر تعليم کاتي جي جعلي ڀرتين ، فنڊن ۾ خردبرد۾ ملوث ايجوڪيشن آفيسر ساجن ملاح ، عطاءُ الله ڀٽو ، آفيس سپريڊنٽ گلزار ميمڻ سميت ٻين عملدارن جي خلاف انڪوائري جون ذميواريون مليون آهن. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر نيب جي ٽيم کي رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد تعليم کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي نيب جي عملدارن پاران جنهن وقت آفيس تي ڇاپو هنيو تـ گلزار ميمڻ سميت ڪيترائي ڪم ڪندڙ ڪلارڪ آفيس جي درين مان ٽپا ڏيئي خوف وچان ڀڄي ويا ۽ ڪيترن ئي ملازمن پاڻ کي ملازم سڏرائڻ بدران غير واسطيدار سڏائي نيب جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ واري خوف کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ  پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي الزامن  هيٺ ڪي ڊي اي جي چئن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ غلام حسين ميمڻ ٻڌايو آهي ته اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ سنڌ اختيارن جي غلط استعمال ۽ پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي الزام هيٺ ڪي ڊي اي جي چئن آفيسرن خلاف ايف آءِ آر نمبر 24/2015  داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. آفيسرن ۾ شاڪر علي، عذير احمد، محمد حنيف خان ۽ شهاب الدين شامل آهن، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ شڪارپور سول اسپتال جي اسٽور انچارج الله ڏنو ولد امير بخش لاکو خلاف ايف آءِ آر نمبر /2015 02 داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سنڌ غلام حسين ميمڻ ٻڌايو ته اسٽور انچارج تي الزام آهي ته هن سول اسپتال شڪارپور جي ٻئي عملي سان ملي ڀڳت سان وڌيڪ اگهه تي دوائن جي خريداري ڪئي ۽ سول اسپتال شڪارپور جي فنڊن ۾ لکين رپين جون گهوٻيون هنيون. ٻئي طرف سجاول ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس تي ايف  آئي اي جي ٽيم جو ڇاپو پروگرام جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نياز ميمڻ گرفتار، بينظير انڪم سپورٽ ۾ ڪرپشن جعلي آئي ڊي جي زريعي سوين مستحق عورتن جي وظيفي  واري رقم ڦٻائڻ جي الزام هيٺ ايف آئي اي جي ٽيم ڪارروائي ڪندي BISPسجاول جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نياز ميمڻ کي گرفتار ڪري کڻي وئي ذريعن موجب ڪجهھ ڏينهن اڳ  ۾ بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جا جعلي ڪارڊ کڻي سجاول جي سينٽر تي پهتل اينجنٽن مان ٻن ڄڻن کي ڇاپي دوران ايف آئي اي جي ٽيم گرفتار ڪيو هو جن کان پڇا ڳاڇا بعد ڪرپشن جي الزام هيٺ نياز ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو. ٻي طرف BISPسينٽر بند ٿيڻ خلاف سينٽر تي موجود مستحق عورتن سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور ايماندار اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري سينٽر بحال ڪيو وڃي جئين ڪارڊ ٺهرائي وظيفو حاصل ڪري سگهون. نيب عملدار ٽنڊو الهيار پهچي ٽريزري آفيس ۾ ڇاپو هڻي اهم ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته تحويل ۾ ورتل ريڪارڊ ۾ تازو ڊفرنس بلن جي مَد ۾ ساڍا چار ڪروڙ نڪرڻ جو ريڪارڊ پڻ ضبط ڪيو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب نيب عملدارن ٽريزري آفيس تي ڇاپو هڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن سان ملاقات ڪري اهم ريڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ٽنڊو الهيار جي ٽريزري آفيس ۾ تازو 104 ملازمن جا ڊفرنس بل ٺهيا هئا، ساڍا چار ڪروڙ جي لڳ ڀگ ڊفرنس بل کڻندڙ ملازمن جو تعلق مخلتف کاتن سان هو، جڏهن ته ملازم سنڌ حڪومت پاران ڊفرنس بلن تي پابندي باوجود پگهارن واري اڪائونٽس ۾ لکين روپيا منتقل ڪرائي ڪڍرايا هئا جنهن جا تفصيل ۽ اهم ثبوت نيب عملدار پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ياد رهي ته ٽنڊو الهيار جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ روزانو لکين روپيا ايجنٽن معرفت وصول ڪيا ويندا هئا، جڏهن ته صحت کاتو ۽ تعليم کاتي سميت مختلف کاتن جا بل ڪميشن تحت پاس ڪيا ويندا هئا. ٻئي طرف شڪارپور ۾ نيب عملدارن ڊي ايڇ او آفيس ۾ ڇاپو هڻي هيڊڪلارڪن سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *