نيوزيلينڊ جي ڪپتان برينڊن ميڪلم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ هسٽريءَ جو ٻيون وڏو ترين اسڪور ٺاهي ورتو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ڪپتان برينڊن ميڪلم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ هسٽريءَ جو ٻيون وڏو ترين اسڪور ٺاهيو آهي، برينڊن ميڪلم برمنگهم طرفان 64 بالن تي 11 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان ڊربيشائر خلاف 158 رنسن جي شاندار اننگ کيڏندي ٻيو وڏو اسڪور ٺاهڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهڻ جو اعزاز ويسٽ انڊيز بيٽسمين ڪرس گيل وٽ آهي، جنهن انڊين پريميئر لين ۾ 175 رنسن جي اننگ کيڏي هئي. برمنگهم طرفان ڊربشائر کي 20 اوورن ۾ کٽڻ لاءِ 242 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ويو، جيڪو ڊربيشائر حاصل ڪري نه سگهي ۽ برمنگهم 60 رنسن تان ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *