اظهر علي 5 سالن دوران ٽيم جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو نائب ڪپتان اظهر علي 5 سالن دوران ٽيم جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي، خابروا دري موجب پاليڪيلي ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي سلسلي ۾کيڏجندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ ففٽي اسڪور ڪري ٽيم جي نائب ڪپتان اظهر علي 5 سالن دوران 44 ميچون کيڏي 9 سينچرين ۽ 19 ففٽين جي مدد سان 45 جي سراسريءَ سان 3383 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته يونس خان به 38 ميچن ۾ 58 جي سراسريءَ سان 3383 رنسون ٺاهي ٻيون ۽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق 39 ميچن ۾ 39 ميچن ۾ 56 جي سراسريءَ سان 2927 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي. ياد رهي ته يونس خان ٽيسٽ ڪيئريئر ۾ پاليڪيلي ٽيسٽ دوران ڪالهه پهريون ڀيرو رن آئوٽ ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *