سرينا وليمز سخت مقابلي کان پوءِ برطانيا جي هيٿرو واٽسن کي هارائي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) لنڊن ۾ ٿيندڙ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ آمريڪا جي سرينا وليمز سخت مقابلي کان پوءِ برطانيا جي هيٿرو واٽسن کي هارائي ڇڏيو. جڏهن وومينز ڊبلز ۾ کيڏندڙ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ مارٽينا هينگز پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهتيون، ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ آمريڪا جي سرينا وليمز ۽ برطانيا جي هيٿرون واٽسن وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٻنهي ورلڊ ڪلاس رانديگرياڻين وچ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلو ٿيو. آمريڪي ٽينس اسٽار پنهنجي تجربي جو فائدو وٺندي ٽئين سيٽ ۾ 23 سالا برطانوي رانديگرياڻيءَ کي هارائي ڇڏيو. سرينا جي کٽڻ جو اسڪور 6-2، 4-6 ۽ 7-5 سيٽ رهيو. 20 ڀيرا گرينڊ سلم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندڙ دنيا جي پهريون نمبر رانديگياڻي ايندڙ ميچ ۾ پنهنجي ڀيڻ وينس وليمز خلاف ميدان تي لهندي. جڏهن وومينز ڊبلز ۾ کيڏندڙ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ مارٽينا هينگز پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهتيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *