مان بدعنوان ناهيان ۽ فٽبال ۾ ڪا گھوٻي ناهي ڪئي:سيپ بلاٽر

زيورخ (اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي لٿل صدر سيپ بلاٽر چيو آهي ته هو بدعنوان ناهي ۽ فٽبال ۾ ڪا گھوٻي ناهي ڪئي. سيپ بلاٽر سنه 1998ع کان فٽبال جي عالمي تنظيم جي صدر رهيو آهي ۽ هو فيفا ۾ ڪرپشن جي الزامن تحت ٿيندڙ جاچ دوران ايندڙ سال فيبروريءَ ۾ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. فيفا هلندڙ سال مئي ۾ 79 سالا سيپ بلاٽر کي 5 ڀيرو صدر چونڊيو هو. سيپ بلاٽر موجب مون ايئن ان جي لاءِ ڪيو ڇو ته مون فيفا جي حفاظت ڪرڻ پي چاهي. مان ايترو مضبوط آهيان جو پنهجنجي حفاظت پاڻ ڪري سگھان ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون جيڪي ڪيو ۽ نه ڪيو ان جي مون کي ڄاڻ آهي. مان ڄاڻان ٿو ته مان هڪ ايماندار ماڻهو آهيان، مان بدعنوان ۽ پريشان ناهيان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *