عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستاني ٽيم جو رانديگر يونس خان هڪ درجو ترقي کان پوءِ بهترين رانديگرن جي لسٽ ۾ 7 کان 6 نمبر تي اچي ويو آهي، آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ موجب بهترين رانديگرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جو رانديگر يونس خان هڪ درجو ترقي کان پوءِ 7 کان 6 نمبر تي اچي ويو، نئين رينڪنگ موجب ٽاپ ٽين بالرن ۾ پاڪستان جو اسپنر ياسر شاهه هڪ درجو ترقي کان پوءِ 5 کان 4 نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پهرين نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جو ڊيل اسٽين موجود آهي، ٽيمن جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان 2419  پوائنٽن سان چوٿين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته پهرين پوزيشن تي ڏکڻ آفريڪا 3008 پوائنٽن سان موجود آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *