انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پاران انگلينڊ جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پاران انگلينڊ جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسپاٽ فڪسنگ ڪيس کان پوءِ پهريون ڀيرو ملڪي ٽيم انگلينڊ جو دورو ڪندي. پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي دوري لاءِ ايندڙ سال 29 جون 2016ع تي برطانيا پهچندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڊگھي دوري ۾ ٽيم انگلينڊ خلاف 4 ٽيسٽ ميچون، 5 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي، جڏهن ته ان ٽوئر دوران ملڪي ٽيم 2 ون ڊي ميچن ۾ آئرلينڊ سان مهاڏو پڻ اٽڪائيندي. پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ 14 جولاءِ 2016ع تي لارڊز ۾ کيڏندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آخري ڀيرو 2010ع ۾ انگلينڊ جو دورو ڪيو هو، جڏهن پاڪستان جا ٽي رانديگر محمد عامر. آصف ۽ سلمان بٽ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پابنديءَ جو شڪار ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *