فاسٽ بالر محمد عامر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 6 وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

لاهور  (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر محمد عامر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 6 وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم کي پي سي بي گريڊ ٽو جي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو. ايل سي سي گرائونڊ لاهور ۾ کڏيل پي سي بي گرڊ ٽو جي پهرين سيمي فائنل ۾ محمد عامر 14 اوورن ۾ 47 رنسون ڏئي 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. برسات سبب متاثر ان ميچ کي هڪ اننگ تائين محدود ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عامر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 6 وڪيٽون وٺي ٽيم کي فتح ڏياري. صحافين سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته منهنجو سڄو ڌيان فٽنس ۽ ڪارڪردگيءَ تي آهي، تازي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيان، هن چيو ته هن وقت تائين مون کي جيترا به موقعا مليا آهن مون ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ باقي ڪم سليڪشن ڪميٽيءَ جو آهي، مان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ اخلاق سان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *