ڪمند ساڙڻ باوجود حڪومت خاموش

 

ميرپورخاص جي هلندڙ 4 شگرملن مان 3 شگرملون جن ۾ ميرپورخاص شگرمل، العباس شگرمل ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي شگرمل، ڊگهڙي بند ٿي ويون آهن. جڏهن ته نجما شگرمل 2011ع وڏين برساتن کانپوءِ بند پيل آهي. هن وقت ضلعي ۾ صرف هڪ شگرمل ٿرپارڪر شگرمل ڪوٽ غلام محمد هلي رهي آهي. جيڪا به اڄ بند ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اگهن جو معاملو حل نه ٿيڻ جو 10 کان 15 هزار ايڪڙن تي بيٺل ڪٽائي کان آبادگارن کي ڪروڙين رپين جا چٽا امڪان آهن. ڪمند جي اگهن جو معاملو به اڃا تائين عدالتن ۾ هلندڙ آهي. جڏهن ته شگرملون ڪمند في مڻ جي رقم هڪ سئو 55 رپيا ڏيئي رهيون آهن. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ باوجود رهيل رقم شگرملون نه پيون ڏين. جڏهن ته ٻين فصلن جا ريٽ به نه ٿيڻ ڪري آبادگار ڪنگال بڻجي ويا آهن. شگرملون دير سان هلڻ ۽ جلدي بند ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي ۽ آبادگار پريشان آهن. هوڏانهن چئمبر آف ايگريڪلچر جي مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن جي نصيب ۾ عدالتن ۾ ڌڪا کائڻ آهي. هن چيو ته شگرملون بند ٿيڻ ڪري منهنجو پنهنجو 26 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل مون کيڙائي ڇڏيو آهي ۽ ان زمين ۾ ٻيو فصل پوکي رهيو آهيان. هن چيو ته 10 کان 15 سيڪڙو ڪمند بيٺل آهي ۽ شگرملز مالڪن ملون بند ڪري آبادگارن کي نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته پ پ کي اسان ووٽ ڏنو ۽ هنن اسان کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪمند جو ريٽ اڄ 2 سئو 30 رپيا هلي رهيو آهي ۽ اسان هڪ سئو 55 رپين ۾ ڪمند ڏيون پيا. پر اهو به ڪير کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڪري زمينون خالي ڪرڻ لاءِ ڪمند جو فصل  کيڙائي رهيا آهيون. هن چيو ته شگرملن اربين رپيا ڪمايا آهن پر آبادگارن کي اگهه نه ڏنو پر ڪمند به نه ٿا کڻن. اهڙي صورتحال رهي ته ملڪ ۾ کنڊ ٻاهران گهرائڻي پوندي. سنڌ جو آبادگار ڪمند جو فصل پوکڻ کان توبهه ڪري چڪو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جيستائين ڪمند اچي پيو ايستائين شگرملون هلايون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *