ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کي ڪوچ بڻائڻ واري خبر اپريل فول ثابت ٿي

نئين دلي: ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم رانديگر سچن ٽنڊولڪر کي ڀارتي ٽيم جو ڪوچ بڻائڻ جي خبر جڏهن سامهون آئي ته ڀارتي ڪرڪيٽ شوقينن سک جو ساهه کنيو پر انهن جي اها خوشي ان وقت برقرار نه رهي سگهي جڏهن ان خبر جي حقيقت کلي ته ٽنڊولڪر ڪوچ ته نه بڻيو پر پهرين اپريل تي ڪرڪيٽ شوقين بيوقوف ضرور بڻيا، ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڪينگروز جي هٿان شڪست تي پوري ڀارت ۾ ڏک واري لهر ڇانهيل هئي ۽ ڀارتي جي پنهنجي جي جنهن بيٽنگ تي گهمنڊ هو اها ئي بيٽنگ آسٽريليا جي طوفاني اسپيل سامهون ڪجهه نه ڪري سگهي جنهن کانپوءِ ڀارتين پنهنجي ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي اڃان سيمي فائنل ۾ شڪست کي ڪجهه ئي ڏينهن گذريا هئا ته اوچتو پهرين اپريل تي ليجنڊ بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر کي ڀارتي ٽيم جو ڪوچ بڻائڻ جي خبر سامهون ئي جنهن کي ڀارتين  ٽيم جي شڪست کانپوءِ بيٽنگ جو نقص ختم ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنو جڏهن ته ڀارتين جي اها خوشي  گهڻي دير تائين انهن وٽ نه رهي سگهي ڇو ته اهو فيصلو ڀارتي بورڊ نه ڪيو هو پر هڪ جعلي پريس رليز ذريعي ٽنڊولڪر کي ڪوچ بڻائڻ جي خبر هلائي وئي هئي جنهن جا پول پڌرا ٿيڻ تي نه صرف ڀارتي شوقينن کي سخت ڌچڪو لڳو پر ٽنڊولڪر به عوام سان گڏوگڏ بيوقوف بڻجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *