عالمي ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سڊني(اسپورٽس نيوز)عالمي ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آسٽريلوي شهر سڊني ۾ کيڏيل وارم اپ مئچ ۾ بنگلاديشي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي 247 رنسن جو هدف ڏنو. بنگلاديش طرفان محمود الله 83 ۽ تميم اقبال 81 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. فاسٽ بالر محمد عرفان 5، ياسر شاهه 2، جڏهن ته وهاب رياض ۽ سهيل خان هڪ – هڪ بنگلاديشي بيٽسمين کي واپسي جو رستو ڏيکاريو. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 247 رنسن جو ٽارگيٽ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ مڪمل ڪيو. صهيب مقصود 93 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته عمر اڪمل ۽ حارث سهيل 39 – 39 ، يونس خان 25 ۽ شاهد آفريدي 24 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان مشرفي مرتضيٰ ۽ تسڪين احمد 2 – 2 جڏهن ته محمود الله، روبيل حسين ۽ شڪيب الحسن هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *