عالمي ڪپ جي شروعات 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) هلندڙ مهيني شيڊول آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ئي ڏينهن رهجي ويا اهن. سڄي دنيا وانگر ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سحر ۾ پاڪستاني عوام پڻ مبتلا آهي. عالمي ڪپ جي شروعات 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ ٿيندي. پاڪستاني ٽيم 15 فيبروري تي روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ سان مهم شروعات ڪندي. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون ورلڊڪپ تي آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ گرين شرڪٽس جي خريداري لاءِ سڄي ملڪ جي دڪانن تي رش لڳي وئي آهي. ورلڊڪپ شرٽ جو اوريجنل برانڊ 900 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته جيئن جيئن ان جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي دڪاندار ان کي مهانگن اگهن تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *