سونم ڪپور هدايتڪار رام مڌواني جي نئين فلم ۾ ڪاسٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور کي هدايتڪار رام مڌواني پنهنجي نئين فلم ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي، رام مڌواني 2002ع کان پوءِ پهريون فلم ٺاهي رهيو آهي، ان فلم لاءِ پهرين ڪاجول کي ڪاسٽ ڪرڻ جون خبرون گردش هيٺ هيون، پر ڪاجول جي ترديد کان پوءِ رام مڌواني پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس فلم ۾ سونم ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪندي، فلم ۾ سندس نالو نيرجا هوندو ۽ ان فلم جي اسڪرپٽ لکڻ ۾ ڏيڍ سال جو عرصو لڳندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *