شعيب ملڪ جي گھر واري ثانيا مرزا به پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان جشن ملهايو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف ٽين ون ڊي ۾ ڪاميابيءَ عيد جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو ۽ ڪولمبو ۾ موجود ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گھر واري ثانيا مرزا به پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان گڏجي ٽين ون ڊي کٽڻ جو جشن ملهايو. ثانيه مرزا جو مڙس ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ”ڊب سميش“ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو پاڻ ۽ سندس گھر واري ٻين پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان گڏجي سريلنڪا خلاف ٽين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کٽن جو جشن ملهائيندي نچندي نظر اچي رهيا آهن. بالي ووڊ فلم ”خوبصورت“ جي گيت” اڀي تو پارٽي شروع هوئي هي“ تي نچندي رانديگرن ۽ ثانيا مرزا تمام گھڻو مستي ڪندي نظر اچي رهيا آهن. وڊيو ۾ شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي پويان ڪرڪيٽر احمد شهزاد، محمد عرفان، احسان عادل، مختيار احمد، بلاول ڀٽي ۽ بابر اعظم کي ڏسي سگھجي ٿو. واضح رهي ته آچر تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ميزبان سريلنڪا کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ 135 رنسن سان هارائي 5 ميچن جي سيريز ۾ 2-1 تان سرسي ماڻي ورتي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *