اظهر عليءَ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني ۽ پنجون انٽرنيشنل ڪرڪيٽر بڻجي ويو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر عليءَ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني ۽ پنجون انٽرنيشنل ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر عليءَ سريلنڪا خلاف ٽين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ هڪ رنس جي کوٽ سان اٺين ففٽيءَ کان محروم رهجي ويو، پر هن پنهنجي ڪيريئر جي 23 هين ميچ ۾ هڪ 1037 رنسون ٺاهي تيز ترين هڪ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستان ۽ پنجون انٽرنيشنل ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. پاڪستان طرفان ياسر حميد پنهنجي ڪيريئر جي 24 هين ميچ ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيو هيون، جڏهن ته انٽرنيشنل رانديگرن ۾ ويسٽ انڊيز جي سرووين رچرڊز، انگلينڊ جي ڪيون پيٽرنس ۽ جوناٿن ٽروٽ، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڊي ڪوڪ پڻ انهن رانديگرن ۾ شامل آهن جن پنهنجي 21 هين ميچ ۾ هڪ زار رنسون مڪمل ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *