پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن به عيد الفطر روايتي جوش ۽ جذبي سان سريلنڪا ۾ ملهائي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن به عيد الفطر روايتي جوش ۽ جذبي سان سريلنڪا ۾ ملهائي ۽ رانديگرن عيد نماز ڪولمبو ۾ پڙهڻ کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون. پاڪستاني ٽيم جي رانديگر پنهنجن گھرن کان ڏُور سريلنڪا جي گاديءَ واري هنڌ ڪولمبو ۾ عيد ملهائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيم جي ڪوچ وقار يونس ۽ اتي موجود پاڪستاني ڪميونٽي ۽ مقامي ماڻهن سان گڏ ڪولمبو جي جامع مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ جي لاءِ دعائون پڻ گھريون. رنگ برنگي ڪپڙا پائي ملڪي ڪرڪيٽرن عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ هڪ ٻئي کي ٻکين پئي عيد واڌايون ڏنيون، جڏهن ته سندن چهرن تي عيد جي خوشي پڻ واضح نظر اچي رهي هئي. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا سان 3 ٽِيسٽ، 5 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي سلسلي ۾ سريلنڪا ۾ لٿل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *