سريلنڪن ٽيم خلاف رٿيل ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا رانديگر ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن: ويرات ڪوهلي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته سريلنڪن ٽيم خلاف رٿيل ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا رانديگر ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته سيريز ۾ کين فتح نصيب ٿيندي. سريلنڪن ٽيم خلاف رٿيل ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارتي ٽيم ڪولمبو ۾ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي. تيارين واري سلسلي ۾ ڀارتي ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ جي پريڪٽيس ڪئي. پريڪٽس سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو ته ميزبان ٽِيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ کيس ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو پر هو سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري نه سگهيو هو پر هن ڀيري هو گهڻو پراميد آهي ته سيريز ۾ ڪاميابي ماڻيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *