آءِ پي ايل جي اڳوڻي سربراهه للت مودي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ممبئي جي خاص عدالت انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اڳوڻي سربراهه للت مودي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق خاص عدالت للت مودي جا گرفتاري وارنٽ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاري ڪيا آهن، گذريل ڏينهن ڀارتي پارليامينٽ ۾ للت مودي کي پاسپورٽ ڏيارڻ ۾ شڪي طور مدد ڪرڻ تي پرڏيهي وزير سشما سوراج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *