ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ بالي ووڊ سندري ڪاجول جي نئين فلم ”دل والي“ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ بالي ووڊ سندري ڪاجول جي نئين فلم ”دل والي“ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي. بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪري مشهوري ماڻيندڙ من موهڻي اداڪارا ڪاجول کي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي 23 سالن جو مدو گذري چڪو آهي، ان دوران هُن ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڏنيو. 1992ع ۾ هُن پنهنجي پهرين فلم ”بي خودي“ ۾ ڪم ڪيو، ان کانپوءِ شاهه رخ خان سان گڏ مشهور فلم ”دل والي دلهنيان لي جائينگي“ ڪيائين، جنهن ٻنهي اداڪارن کي شرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. ڪاجول ۽ شاهه رخ خان جي ٻين بهترين فلمن ۾ پيار تو هونا هي ٿا، ڪڀي خوشي ڪڀي غم ۽ فنا شامل آهن. 2011ع ۾ ڪاجول کي ڀارت جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ”پدماشري“ سان به نوازيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *