سانگهڙ ضلعي جو نالي وارو ملهه پهلوان سو ڀو خان نظاماڻي فوت

سانگهڙ (ن ع آ) سانگهڙ ضلعي جو نالي وارو ملهه پهلوان سو ڀو خان نظاماڻي ڪيتري عرصي کان بيمار هو 95 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. کيس سانگهڙ ويجهو ڳوٺ نظر علي نظاماڻي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سوڀي خان نظاماڻي شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي بهرم بري جي ميلي، سمن سرڪار جي ميلي، قلندر لال جي ميلن سميت سنڌ جي مڙني درگاهن تي ٿيندڙ ميلن ملهه مقابلا ڪيا. پنهنجي وقت جي پهرين جوڙ جي ملهه جي ڪنهن به سار نه لڌي غربت واري حالت ۾ وفات ڪيائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *