پريگ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم جا نوَ (9) رانديگر رنس ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويا

(اسپورٽس نيوز) چيڪ ڪرڪيٽ يونين پرو 20 ليگ ۾ پريگ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم جا نوَ (9) رانديگر بوهيمن ڪرڪيٽ ڪلب خلاف ميچ ۾ ڪا رنس ٺاهڻ کان سواءِ ئي آئوٽ ٿي ويا. پريگ ۽ بوهيمين ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ميچ ۾ بوهيمين جي ٽيم پهريان کيڏندي 125 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، پر هڪ سولو نطر ايندڙ ٽارگيٽ پويان پريگ جي ٽيم تباهيءَ جو شڪار ٿي 54 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. پريگ جي ٽيم جا 9 رانديگر ڪا رنس ٺاهڻ کان سواءِ پويلين ڏانهن موٽي ويا ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ ادتيا جيسوال کان سواءِ ڪو به رانديگر ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگھيو. ادتيا ناقابل شڪست 43 رنسون ٺاهيون. ان کان سواءِ صرف هڪ رانديگر هڪ رنسن ٺاهي سگھيو، چوٿين نمبر تي انيدر اڀي سمانٿ هو جنهن هڪ رنس ٺاهي. اننگ ۾ 10 ايڪسٽرا رنسون به شامل هيون. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي هڪ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇهه ڀيرا ڪنهن به اننگ ۾ ڇهه رانديگر ٻُڙيءَ تي آئوٽ ٿيا ۽ ان خراب رڪارڊ ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا حصيدار آهن. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پنجن موقعن تي ڪنهن به ٽيم جا ڇهه رانديگر ٻُڙيءَ تي آئوٽ ٿيا آهن ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها ته ان خراب ترين رڪارڊ ۾ پاڪستان ٽيم ٽِن موقعن تي ان مامري جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ پهرين نمبر تي آهي. گذريل سال چيشائر ليگ ٿرڊ ڊويزن جي ميچ ۾ ويرل ڪرڪيٽ ڪلب هيسلنگٽن خلاف صرف ٽي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو هو. ان ميچ ۾ ويرل جا 10 رانديگر ٻُڙيءَ تي آئوٽ ٿيا جڏهن ته يارهين نمبر واري بيٽسمين ڪونر هڊسن هڪ رنس ٺاهي سڀني کان ڪامياب بيٽسمين رهيو جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ٻه رنسون ايڪسٽراز جون هيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *