پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري تي ڪولمبو رواني ٿي وئي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري تي ڪولمبو رواني ٿي وئي. مصباح الحق جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم لاهور ايئرپورٽ تان رواني ٿي، زمبابوي جي ڪمزرو ٽيم جي ميزباني کانپوءِ قومي ٽيم کي سريلنڪا جهڙي مضبوط ٽيم جو مقابلو ڪرڻو آهي. 10 ورهين جي ناڪامين جو سلسلو ختم ڪرڻ لاءِ مصباح الحق اليون کي غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري جي شروعات 11 جو ن تي ڪولمبو ۾ ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ سان ڪندي، هيڊ ڪوچ وقار يونس جي غير موجودگي سبب پريڪٽس جي کوٽ وارم اپ ميچ ذريعي پوري ڪندي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيرز جي پهرين ميچ 17 جون کان گال اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *