بي بي سي اليون هٿان پريڪٽس ميچ ۾ شڪست ويڪ اپ ڪال آهي: محمد حفيظ

ميرپور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي اسٽار اوپننگ بيٽسمين محمد حفيظ چيو آهي ته بي بي سي اليون هٿان پريڪٽس ميچ ۾ شڪست ويڪ اپ ڪال آهي. ون ڊي سيريز کٽڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. ٽيم جي بالنگ ۽ فلڊنگ ۾ خاميون آهن، جن کي ختم ڪرڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته 269 رنسن جي هدف جو دفاع ڪري سگهجي ٿو پر خراب فلڊنگ ۽ بالنگ جي ڪري اسان نه ڪري سگهياسين، اها شڪست ويڪ اپ ڪال آهي. بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ون ڊي سيريز ۾ ٽيم بهترين نتيجو ڏيندي جڏهن ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ فلڊنگ جي شعبي ۾ بهتري آڻڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *