بگ بيش ليگ جيسن گيلپسي ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ڪوچنگ جي تصديق ڪري ڇڏي

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گيلپسي هلندڙ سال بگ بيش ٽي 20 ليگ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ڪوچنگ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جيسن گيلپسي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊوميسٽڪ سطح تي ڪنهن به ٽيم جي ڪوچنگ ۾ دلچسپي رکان ٿو، جڏهن ته هاڻي موقعو ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان. ٽي وي تي بگ بيش ليگ ڏسي خوش ٿيندو آهيان ۽ ان جو حصو بڻجڻ منهنجي لاءِ هڪ شاندار موقعو هوندو. هن چيو ته ڪوچ طور منهنجي ڪوشش هوندي ته ٽيم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *