بالي ووڊ ۾ باهه لڳائيندڙ سني ليون پنهنجي نئين فلمن ”ايڪ پهيلي ليلا“ جي ڪري سون ٻُهاريندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ باهه لڳائيندڙ سني ليون پنهنجي نئين فلمن ”ايڪ پهيلي ليلا“ جي ڪري سون ٻُهاري رهي آهي، جنهن باڪس آفيس تي گھٽ ۾ گھٽ 20.49 ڪروڙ رپيا ميڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، ماضيءَ ۾ عريانيءَ جو ٺپو لڳندڙ اداڪارا ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي صلاحيتن سان ڌاڪو ڄمائي رهي آهي، فلم ”ايڪ پهيلي ليلا“ گذريل جمعي تي رليز ڪئي وئي هئي، فلم پنجن ڏينهن دوران بهترين ناڻو ڪمائي سني ليون جي بالي ووڊ  قد ڪاٺ کي اڃا به مٿانهون ڪري رهي آهي. هڪ اندازي موجب ”ايڪ پهيلي ليلا“ ۾ سني ليون کي فلم مارڪون نه نه ٿيون ڏئي سگھجن، پر هاڻي فلمي حلقا مڃڻ لڳا آهن ته سني ليون بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪري پنهنجي اداڪاريءَ کي چمڪائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *