بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ، پاڪستان، ڀارت کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا کي به ٽانڊا ڏئي ڇڏيا

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ، پاڪستان، ڀارت کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا کي به ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن. ٻي ون ڊي ميچ ۾ بنگالين پروٽيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چيمپئنز ليگ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي. بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جو ٻيو ميچ ڍاڪا جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويو. ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي صرف 162 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا پاران ڊُپليسس سڀ کان وڌيڪ 41 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بيهر ڊين 36 ۽ هاشم آملا 22 رنسن سان نمايان رهيا. بنگلاديش پاران ناصر حسين ۽ مشفق الرحمان 3_3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته روبيل حسين 2 ۽ محمد الله ۽ مشرفي مرتضيٰ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 163 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم 167 رنسون ٺاهي گھربل ٽارگيٽ صرف 27 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو. بنگلاديش جي بيٽسمين سوميا سرڪار 88 ۽ محمد الله 50  رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ناصر حسين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. بنگلاديش ميچ کٽي ون ڊي سيريز هڪ هڪ ميچ تان برابر ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهريون ون ڊي ميچ کٽي ورتو هو. سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ هاڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. جيڪا به ٽيم ميچ کٽيندي اها سيريز به کٽي ويندي. هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي بنگلاديش جي ٽيم چيمپئنز ليگ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي. جڏهن ته بنگالين جي فتح سان پاڪستان جي چيمپئنز ليگ ۾ شرڪت وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي. بنگلاديش جي ٽيم جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي پاڪستان کي چيمپئنز ليگ ۾ اٺين ٽيم طور شامل ٿيڻ جو موقعو هوندو ان لاءِ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ مقابلو آهي. ايندڙ ميچن ۾ ان جو نتيجو نڪرندو ته چيمپئنز ٽرافي ۾ اٺين ٽيم پاڪستان جي هوندي يا ويسٽ انڊيز جي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *