هاڪي معاملن کي سنڀاليندڙ قومي هاڪي فيڊريشن هڪ نااهل ادارو آهي: جاچ ڪميٽي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) وزيراعظم پاران هاڪي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪندي رپورٽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاڪي معاملن کي سنڀاليندڙ قومي هاڪي فيڊريشن هڪ نااهل ادارو آهي جنهن هاڪي جي واڌاري ۽ ڀلائي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم پاران جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ م وڌيڪ چيو آهي ته موجوده هاڪي فيڊريشن هاڪي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، جنهن تي انهن کي هٽايو وڃي، ڪميٽي موجب فيڊريشن جا عهديدار پگهارون ۽ ٻيون مراعتون ته کڻن ٿا پر پنهنجو ڪم نه پيا ڪن، ڪميٽي موجب جيڪڏهن هاڪي کي بچائڻو آهي ته پوءِ فيڊريشن ۾ تبديليون اڻٽر بڻجي ويون آهن. ڪميٽي پنهنجين سفارشن ۾ چيو آهي ته هاڪي راند جي بهتريءِ لاءِ تربيت ورتل ۽ اهل ماڻهن کي فيڊريشن ۾ آڻڻو پوندو. ڪميٽي موجب تربيت ورتل اسٽاف کڻڻ سان قومي راند جو اڳوڻو ۽ وڃايل مقام حاصل ٿي سگهند

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *