هر اداڪار سان ڪڏهن ڪڏهن نه ايئن ضرور ٿيو هوندو جو ڪنهن فلمساز جو مليل چيڪ بائونس ٿيو هجي:ريچا چڍا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ريچا چڍا چيو آهي ته فلمسازن جا ڏنل چيڪ پڻ بائونس ٿين ٿا، پر ان سان هن تي ڪنهن به قسم جو فرق ان ڪري به نه ٿو پوي جو هو پئسي لاءِ ڪم ناهي ڪندي. ريچا چڍا چيو ته هر اداڪار سان ڪڏهن ڪڏهن نه ايئن ضرور ٿيو هوندو جو ڪنهن فلمساز جو مليل چيڪ بائونس ٿيو هجي، هن چيو ته بالي ووڊ ۾ گهڻا ئي اهڙا اداڪار آهن جيڪي فقط پئسي لاءِ فلمون نه ڪندا آهن، جنهن ۾ هو پاڻ کي شمار ڪري ٿي. ريچا چيو ته هن جو بالي ووڊ ڪيريئر 2012ع کان شروع ٿيو ۽ انڊسٽريءَ ۾ گذاريل وقت تمام سٺو رهيو آهي، ريچا چڍا چيو ته گينگز آف واسي پور تي بهترين اداڪارا جو فلم فيئر ايوارڊ ماڻي خوشي ٿي هئي. هن چيو ته انڊسٽريءَ ۾ گهاريل ٽن سالن دوران هڪ ايوارڊ حاصل ڪرڻ سميت ڪجهه بهترين دوست مليا آهن. هن چيو ته انڊسٽري ۾ دل سان ڪم ڪندي رهنديس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *