انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ کي دنيا جو سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊ قرار ڏنو ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ کي دنيا جو سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊ قرار ڏنو ويو آهي. ڪنسلٽنسي ”برانڊ فئنانس“ جي هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سيزن ۾ ڪا به ٽرافي حاصل نه ڪرڻ باوجود يونائيٽيڊ 63 سيڪڙو واڌ سان پهريون بلين ڊالر فٽبال برانڊ بڻجي ويو آهي. جرمن ڪلب بائرن ميونخ فٽبال برانڊ ٽيبل تي ٻئي، اسپيني جائنٽ ريال ميڊرڊ ٽئي، جڏهن ته پيرس سينيٽ جرمين نائين نمبر تي موجود آهي. انگلشن ڪلب مانچسٽر سٽي چوٿين جڏهن ته چيلسي جو پنجون نمبر آهي. آچر تي چيمپئنز ليگ جي فائنل ۾ اٽالين ڪلب ويونٽس کي 1-3 سان هارائيندڙ ڪلب بارسلونا ٻه درجا هيٺ ايندي 773 ملين ڊالرن جي حيثيت سان ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. رپورٽ موجب 10 سڀ کان قيمتي فٽبال برانڊن مان ڇهن جو تعلق انگلينڊ سان آهي، جڏهن ته ڪو به اطالوي ڪلب ٽاپ ٽين ۾ شامل ناهي. برانڊ فئنانس جي سي اي او ڊيوڊ بيگ چيو ته مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ڪاميابي جو ماسٽر مائينڊ ايڊ ووڊ ورڊ آهي جنهن کي فٽبال اشتهارن جي دنيا جو رونالڊو قرار ڏئي سگھجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *