2018ع ۾ روس ۽ 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ رد ٿيڻ جو خطرو

واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل فيڊريشن آف فٽبال ايسوسئيشن (فيفا) ۾ وڏي پئماني تي رشوت ۽ آفيسرن طرفان مالي فائدا ماڻڻ جا الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ 2018ع ۾ روس ۽ 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ رد ٿي سگھن ٿا. سوئٽزرلينڊ ۾ ڇپيل هفتيوار ميگزين کي هڪ آفيسر ڊومينيڪو اسڪالا انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته جيڪڏهن روس ۽ قطر طرفان ورلڊڪپ لاءِ ووٽ خريد ڪرڻ جو مامرو ثابت ٿي ويندو ته کين مقابلا ڪرائڻ جو اختيار ڏيڻ جا حڪم تڪراري بڻجي سگھن ٿا. گذريل سال ڊسمبر ۾ فيفا طرفان روس ۽ قطر کي فٽبال ورلڊڪپ ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ ئي ان مامري ۾ رشوت ۽ مالي فائدا حاصل ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون آيو هو، جنهن ۾ آمريڪا جي 14 ماڻهن جي ملوث هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ فيفا جا 9 عهديدار شامل هئا. روس فيفا اسڪينڊل سامهون اچڻ تي مامري کي شفاف قرار ڏيندي چيو ته هو 2018ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ فٽبال ورلدڪپ جي تياريون جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *