فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي اميدن مطابق ناهي رهي: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته سعيد اجمل جو جهٽڪو تمام وڏو آهي، خال کي ڀرڻ لاءِ ڪوشس ڪيون پيا، سينئيرز جو خال سولائي سان ناهي ڀرجي سگهندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقار يونس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو عمل آهي، خدا ڪري ايندڙ وقت ۾ به ٽيمون پاڪستان اينديون رهن، ٻين ٽيمن جي اچڻ کانپوءِ صورتحال اڃان وڌيڪ بهتر ٿيندي.وقار يونس جو چوڻ هو ته انجريز سبب فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي اميدن جي مطابق نه هئي، قومي ٽيم سري لنڪا جي خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي پئي، سندس چوڻ هو ته سري لنڪا جي خلاف ون ڊي سيريز کٽي چئمپئينز ٽرافي لاءِ چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *