اسرائيل ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بال لڳڻ سبب امپائر فوت

تل ابيب(اسپورٽس نيوز): آسٽريليا جي اوپنر فلپ هيوگز جي موت کانپوءِ هاڻ اسرائيل ۾ به ڪرڪيٽ ميچ دوران بال لڳڻ سبب امپائر پنهنجي جان وڃائي ويٺو،، پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي شهر اشدد ۾ قومي ڪرڪيٽ ليک جي ميچ جاري هئي ته ميچ دوران فيلڊ امپائر ۽ اسرائيل جي قوم ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان هلل آسڪر بال لڳڻ سبب گرائونڊ تي ڪري پيو هلل آسڪر کي طبي امداد لاءِ فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان آسٽريليا جي ڊوميسٽڪ ميچ دوران مٿي ۾ بال لڳڻ سبب اوپنر فلم هيوگز فوت ٿيويو هو جڏهن ته 6 مهينا پهريان انگلينڊ ۾ به بال لڳڻ سبب هڪ امپائر جي موت واقع ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *