بنگلاديش ۽ زمبابوي جون ڪرڪيٽ ٽيمون (اڄ) هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ (اڄ) سومر تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. ميزبان بنگال ٽائيگرز کي سيريز ۾0-4 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. بنگلا ديش ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار ۽ تاريخي فتح کان پوءِ مهمان ٽيم کي ڄاڻايل سيريز ۾ به وڏي شڪست ڏني آهي. سيريز جي پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ بنگلاديش 87 رنسن تان فتح حاصل ڪئي هئي، ٻئين ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز 68 رنسن تان ڪامياب رهي هئي، ٽئين ميچ ۾ ميزبان ٽيم مهمان ٽيم کي 124 رنسن ۽ چوٿين ون ڊي ۾ 21 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-4 سان سرسي حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن جو مورال بلند آهي ۽ ون ڊي سيريز ۾ به مخالف ٽيم کي ڪلين سويپ جي شڪست ڏيڻ جي خواهشمند آهي. ٻئي طرف زمبابوي جي ٽيم سيريز جي آخري ميچ کٽي پنهنجي دوري جي پڄاڻي سٺي نموني ڪرڻ چاهي ٿي انهي لاءِ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انهي ميچ ۾ زبردست مقابلي جي توقع ظاهر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *