محمد سجاد ورلڊ سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ کان رهجي ويو

(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو محمد سجاد سخت مقابلي کان پوءِ چيني ڪيوسٽ کان هارائجي ويو ۽ هو ورلڊ سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ کان رهجي ويو، ڀارتي شهر بينگلور ۾ کيڏيل فائنل ۾ پاڪستان جي محمد سجاد ۽ چيني ڪيوسٽ يان بنگ ٽاو وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٻنهي رانديگرن راند جي شروع ۾ سٺي ٽيڪنڪ ۽ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، هڪ موقعي تي ٻنهي رانديگرن جو مقابو 7، 7 فريمن سان برابر هو پر آخري فريم ۾ چيني ڪيوسٽ ٻه شاندار سينچري بريڪ هڻي ورلڊ سنوڪر جو تاج ماڻيو، چيني ڪيوست يان ينگ اهڙو اعزاز 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجي نالي ڪري گھٽ عمر ترين عالمي چيمپئن بڻجڻ جو نئون عالمي رڪارڊ به جوڙيو. واضح رهي ته سيمي فائنل ۾ محمد سجاد چيني ڪيوسٽ زاوزين ٽانگ کي جڏهن ته يان بنگ ٽاو ٿائلينڊ جي رانديگر ڪرسٽ سنٽ کي هارائي فائنل تائين پهتا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *