ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران ايڇ اي سي جي تعاون سان فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ 16 مارچ کان شروع ٿيندي

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران ايڇ اي سي جي تعاون سان فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ جو آغاز 16 مارچ 2015ع کان يونيورسٽي جي فٽبال گرائونڊ تي شروع ٿيندو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد، لمس ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ٽيمون حصو وٺنديون. چئمپين شپ جون ونر ۽ رنر ٽيمون فائنل رائونڊ جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 8 زونز مان 16 ٽيمون فائنل چئمپين شپ جي لاءِ مقابلي ۾ حصو وٺنديون، جيڪو اسلام آباد ۾ مارچ جي آخر ۾ کيڏيو ويندو. چئمپين شپ جو افتتاح وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *