وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اسڪاٽلينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ هارائي ڇڏيو

سڊني(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اسڪاٽلينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آسٽريليا جي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسون ٺاهيون، دنيش رامدين 88 ۽ لينڊل سمنز 55 رنسن جي اننگز کيڏي ان کان علاوه ڊوائن سمٿ 45، ڊيرن براوو 43 جڏهن ته ڊيرن سيمي 17 بالن تي 36 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، اسڪاٽلينڊ طرفان اليسڊائر ايوانز 3 ۽ جوش ڊيوي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ماجد حق ۽ ايان وارڊلا جي حصي ۾ به هڪ هڪ وڪيٽ آئي ويسٽ انڊيز جي 314 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ اسڪاٽلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ اوپنر ڪيل ڪوئٽزر جي شاندار 96 ۽ رچي بيرنگٽن جي جارحاڻي 66 رنسن جي مدد سان 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ميٿيو ڪراس 39 جڏهن ته فريڊي ڪولمين 34 رنسن جي اننگز کيڏي ويسٽ انڊيز طرفان سليمان بين، آندري رسل ۽ ڪيمار روچ 2،2 جڏهن ته نڪيتا ملر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *